ميرپورخاص ويجهو جمڙائو ڪينال ۾ پندرنهن ڏينهن اڳ ٻڏي ويل بارڙيءَ ۽ نوجوان جا لاش هٿ ڪيا ويا

ميرپورخاص ويجهو جمڙائو ڪينال ۾ 15 ڏينهن اڳ ٻڏي ويل ٻارڙيِءَ ۽ نوجوان جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن.

ٻارڙي ثمينه مسيع ۽ نوجوان الهڏنو ڀيل 18 ميل ڀرسان چنگچي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ جمڙائو ڪينال ۾ ٻڏي ويا هئا.

وارثن پاران 15 ڏينهن جي مسلسل ڳولا بعد ٻارڙي جو 20 ميل  ۽ نوجوان جو 22 ميل وٽان لاش هٿ ڪياويا.

اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش گهڻو وقت پاڻي ۾ رهڻ ڪري ڳري ويا هئا، جنهن سبب اسپتال نيئڻ بجاءِ وارثن حوالي ڪيا ويا.

ٻارڙي ۽ نوجوان جا لاش هٿ ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران ڪراچي مان پڻ نيوي جا ٽوٻا  گهرايا ويا هئا، پر لاش نه ملي سگهيا هئا.

وارثن پاران لاشن جي ڳولا جاري رکي وئي، ان دوران 15 ڏينهن بعد ٻنهي ڄڻن جا لاش مٿي تري اچڻ بعد وارثن هٿ ڪري ورتا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*