پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به ڪوهيڙي راڄ قائم ڪري ورتو آهي

Karachi-Slog-71116

پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به ڪوهيڙي راڄ قائم ڪري ورتو آهي، ڪراچي ۾ ڪوهيڙي سبب مختلف ڏيهي توڙي پرڏيهي اڏامون ملتوي ڪيون ويون.

صبح سوير شاهراهه فيصل سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب روڊن تي ٽريفڪ سخت متاثر ٿي.

ڪوهيڙي سبب ڪراچي ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن پڻ متاثر ٿيو آهي، جنهن سبب اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور سميت ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ اڏامون ملتوي ڪيون ويون.

پي آءِ اَي ذريعن موجب ڪوهيڙَي سبب مختلف ملڪن ڏانهن ويندڙ اڏامون پڻ ملتوي ڪيون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*