سيوهڻ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Sehwan-Stirke-71116

سيوهڻ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪري شهرين ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي محمد بخش رند، غلام مصطفيٰ ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سيوهڻ شهر ۽ ڀرپاسي م روزانو 12 کان 18 ڪلاڪن جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته ڳرا بل ادا ڪرڻ باجود لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بجلي نه هئڻ ڪري پاڻي جي بحران سان گڏ ڪاروبار به سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سيوهڻ شهر مان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*