پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڊان ليڪس جي جاچ لاءِ حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو

Imran-Khan-71116

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڊان ليڪس جي جاچ لاءِ حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ريٽائرڊ ججز تي ٻڌل ڪميشن نتيجو نه ڏئي سگهندي.

تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پاناماليڪس ڪيس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پهتو، جتي پارٽي اڳواڻن سندس آجيان ڪئي.

صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڊان ليڪس جي جاچ لاءِ ريٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي قبول نه آهي.

هن چيو ته ريٽائرڊ جج تي ٻڌل ڪميٽي ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ جهڙو ئي نتيجو ڏئي سگهندي، جڏهن ته شهيدن جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن.

پاناماليڪس معاملي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف چوري ڪندي پڪڙجي پيو آهي، سموري قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ تي کتل آهن، اميد ته ڪرپٽ عنصرن جو احتساب ٿيندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*