عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پاناما ليڪس جا ثبوت ۽ تابوت سپريم ڪورٽ مان ئي نڪرندا

shaikh rasheed isb

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پاناما ليڪس جا ثبوت ۽ تابوت سپريم ڪورٽ مان ئي نڪرندا، جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته ڌرين سچ ڳالهايو ته معاملي جو 15 کان 20 ڏينهن اندر فيصلو اچي ويندو.

سپريم ڪورٽ ۾ پيشيءَ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 20 ڪروڙ عوام جون نظرون سپريم ڪورٽ ڏانهن آهن، پاڪستان جي تاريخ جو اهم فيصلو اعليٰ عدالت مان ئي ايندو.

هن چيو ته ثبوت ۽ تابوت سپريم ڪورٽ مان ئي نڪرندا، اميد آهي ته ڪيس جو فيصلو عوام جي خواهشن موجب ٿيندو ۽ ڪاميابي قانون جي ئي هوندي.

شيخ رشيد چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي شڪراڻي جا نفل به ادا ڪنداسين ۽ سموري قوم شڪراڻي جو ڏهاڙو به ملهائيندي.

ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته جيڪڏهن سمورين ڌرين پاناما ليڪس جي حوالي سان سچ ڳالهايو ته معاملو 15 کان 20 ڏينهن اندر حل ٿي ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*