سنڌڙي ويجهو دوسو شاخ کي 15 فوٽ گهارو پوڻ ڪري ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو

sindhi gharo

سنڌڙي ويجهو دوسو شاخ کي 15 فوٽ گهارو پوڻ ڪري ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهچڻ ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

دوسو شاخ کي ڳوٺ ميرخان شر وٽان 15 فوٽ گهارو پوڻ ڪري ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل ٻڏي ويو  آهي.

اطلاع باوجود آبپاشي عملو گهارو بند ڪرڻ لاءِ نه پهتو آهي، جنهن ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گهارو پوڻ ڪري سندس ڪڻڪ جو ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جنهن ڪري کين تمام گهڻو نقصان رسيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙ آبپاشي عملي خلاف ڪارروائي شاخ کي لڳل گهارو  فوري طور  بند ڪرائي کين وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*