حيدرآباد ۾ تعليمي بورڊ جي آفيس تي ڊيوٽي ڪندڙ سڪيورٽي گارڊ پر اسرار گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو

hyd guard suside

حيدرآباد ۾ تعليمي بورڊ جي آفيس تي ڊيوٽي ڪندڙ سڪيورٽي گارڊ پر اسرار گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي پنهنجي ئي رپيٽر مان فائر ٿيڻ ڪري فوت ٿيو آهي، يا وري کيس ماريو ويو آهي، ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

تعليمي بورڊ جي آفيس ۾ ڊيوٽي تي مقرر سڪيورٽي گارڊ عبدالجبار پر اسرار گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.

بورڊ آفيس جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي گارڊ گيٽ تي ڊيوٽي ڪري رهيو هو ته فائر جو آواز   ٿيو، جنهن کانپوءِ سڪيورٽي گارڊ  موئل حالت ۾ مليو.

پوليس جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي گارڊ پنهنجي ئي رپيٽر مان فائر ٿيڻ ڪري فوت ٿيو آهي، يا وري کيس گولي هڻي ماريو ويو آهي، ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*