جوهي تعلقي جي پهوڙ ۽ پٽوڙو شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري

johi

جوهي تعلقي جي پهوڙ ۽ پٽوڙو شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي کاتي خلاف نعريبازي ڪئي.

آبادگارن مولا بخش لغاري ، بخشل سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کڻي دادو ۔ جوهي روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته آبپاشي انجنيئر اڳ هنيل ڌرڻي ۾ خاطري ڪرائي ته پهوڙ ۽ پٽوڙو شاخن تان بااثر آبادگارن جون پاڻي چوري لاءِ لڳايل مشينون کڻائي ڪارروائي ڪئي ويندي، پر ان تي عمل نه ڪيو ويو آهي.

جوهي جي آبپاشي انجنيئر سميت 12 عملدار ڪرپشن جي الزام هيٺ نيب هٿان گرفتار ٿيا، پر ان باوجود کين آزاد ڪري ساڳئي هنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.

 هنن چيو ته پهوڙ ۽ پٽوڙو شاخن تان پاڻي چوري ڪندڙ آبادگار ايم اين ايز ۽ ايم ايز جا مائٽ ۽ حامي آهن، جنهن ڪري سندن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪرپشن ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*