بلوچستان ۾ 2 سئو چار فرارين هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

rana sana ul zehri

بلوچستان ۾ 2 سئو چار فرارين هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير ثناءُ الله زهري هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري عمل جي آجيان ڪندي چيو آهي ته دشمن پرڏيهه ۾ ويهي بلوچستان ۾ نفرتون پکيڙي رهيو آهي.

ڪوئيٽا ۾ پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ اهم ڪمانڊرز سميت 204 فرارين هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿيڻ ۽ پاڪستان خلاف ڪارروايون نه ڪرڻ جو عزم ڪيو.

بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري هٿيار ڦٽا ڪندڙ فرارين جي آجيان ڪندي پهاڙن تي ويٺل ناراض بلوچن کي قومي ڌاري ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني.

ثناءُ الله زهري چيو ته ڀارت بلوچستان جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ رڌل آهي، دشمن ذاتي مفادن لاءِ بلوچ ڀائرن کي پاڻ ۾ وڙهائي فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن، هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائيندڙن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*