ملير ۾ نيشنل هاءِ وي تي مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو جاري آهي

khi malir 15

ملير ۾ نيشنل هاءِ وي تي مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب عام ٽريفڪ ۽ ٽرينن جي آمد شديد متاثر ٿي آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيل سمورن اڳواڻن کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فيصل رضا عابدي ۽ مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف گذريل ٽن ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، ملير 15 ويجهو اڄ صبح سوير کان نيشنل هاءِ وي تي مظاهرين ٻيهر جمع ٿيا ته پوليس کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن بعد احتجاج ڌرڻي جي شڪل اختيار ڪري ورتي.

ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي تي هر قسم جي ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ٿي وئي آهي، جڏهن ته مظاهرين پاران ريلوي ٽريڪ تي احتجاج سبب ٽرينن جي آمد به معطل آهي.

احتجاج سبب ملير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت ڇڪتاڻ آهي، ملير کان علاوه ماڊل ڪالوني ۽ ڪالا بورڊ ۾ سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا به بند  ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون به معطل آهن.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس صبح ڪريڪ ڊائون ڪندي احتجاج ۾ شامل 13 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو، جن جي آزادي تائين تائين نيشنل هاءِ وي تي هڪ ٽريڪ بحال ڪيو ويندو پر ڌرڻو جاري رهندو.

اڳواڻڻ چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن مجلست وحدت المسلمين جي اڳواڻن کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويندو.

پوليس پاران مظاهرين کي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ جي مهلت ڏني وئي، جنهن بعد ڳالهيون به ڪيون ويون پر اهي ناڪام ٿيون، پوليس پاران قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جو به اشارو ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي گرفتر ڪيو هو، جڏهن ته رضويه سوسائٽي مان شيعا ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه علامه مرزا يوسف حسين کي به حراست ۾ ورتو ويو هو……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*