بدين ۽ ميرپورخاص ۾ اينٽي ڪرپشن پبلڪ هيلٿ ۽ پراونشنل بلڊنگ ڊپارٽمينٽ جي آفيسز تي ڇاپا

badeen chahpo

 بدين ۽ ميرپورخاص ۾ اينٽي ڪرپشن پبلڪ هيلٿ ۽ پراونشنل بلڊنگ ڊپارٽمينٽ جي آفيسز تي ڇاپا هڻي رڪارڊ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

سرڪل آفيسر اسد علي ڪورائي جي اڳواڻي ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم بدين ۾ پبلڪ هيلٿ جي آفيس تي ڇاپو هنيو.

سرڪل آفيسر اسد علي ڪورائي جو چوڻ آهي ته پبلڪ هيلٿ آفيس جي ترقياتي اسڪيمن ۾ گهوٻين واري شڪايتن بعد ڪارروائي ڪئي وئي، ڇاپي دوران گذريل چئن سالن جو رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو آهي.

ميرپورخاص ۾ به پراونشنل ڊپارٽمينٽ سب ڊويزن عمرڪوٽ جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو.

اينٽي ڪرپشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته 4 اسڪيمن ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال ۽ من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ واري شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*