آرمي چيف جنرل راحيل شريف پشاور ايئرپورٽ تي جهاز تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد سميت وڌيڪ 9 خطرناڪ دهشتگردن

armycheif25-8

آرمي چيف جنرل راحيل شريف پشاور ايئرپورٽ تي جهاز تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد سميت وڌيڪ 9 خطرناڪ دهشتگردن جي موت جي پرواني تي صحيح ڪري ڇڏي.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگرد حملن توڙي عام شهرين جي قتل ۾ ملوث 9 خطرناڪ دهشتگردن جي موت واري سزا جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن ۾ جاويد خان، فضل الحق، فضل الرحمان، زاهد خان، عمر سعيد، رحمت، بخت ولي، نظير احمد ۽ ساجد علي ولد ابراهيم شامل آهن.

آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگرد ساجد پشاور ايئرپورٽ تي جهاز تي حملي ۾ ملوث آهي، جڏهن ته ٻيا دهشتگرد عام شهرين توڙي سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث آهن.

واضح رهي ته پشاور ايئرپورٽ وٽ بيٺل جهاز تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ عورت قتل ۽ 2 مسافر زخمي ٿي پيا هئا…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*