ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مجلس وحدت المسلمين جي گرفتار اڳواڻ مرزا يوسف کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليندي

allama yusuf khi

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ  عدالت مجلس وحدت المسلمين جي گرفتار اڳواڻ مرزا يوسف کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليندي جاچ آفيسر کي 23 نومبر تائين چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،  جڏهن ته ماتحت عدالت مجلس وحدت المسلين جي ٻن اڳواڻن احمد اقبال رضوي ۽ احمد عباس جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

شريف آباد پوليس رينجرز سڪيورٽي ۾ مجلس وحدت المسلمين جي گرفتار اڳواڻ مرزا يوسف کي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج آڏو پيش ڪيو.

عدالت علامه مرزا يوسف کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ جاچ آفيسر کي 23 نومبر تائين چالان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پوليس موجب علامه مرزا يوسف خرم ذڪي جي جنازي نماز دوران چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪئي، جنهن کانپوءِ شهر اندر فرقيوراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ شروع ٿي وئي.

عدالت مجلس وحدت المسلين جي ٻن اڳواڻن احمد اقبال رضوي ۽ احمد عباس جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*