پيپلز پارٽي پاناما ليڪس واري معاملي تي پارليامينٽ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

khursheed shah

پيپلز پارٽي پاناما ليڪس واري معاملي تي پارليامينٽ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف جو عمران خان کان وڏو ٻيو ڪوبه مددگار نه آهي، پ پ اشا پاشا جي چوڻ تي ناهي ٺهي، هــُو کٽين يا هارائين جنگ پارليامينٽ ۾ ئي ٿيندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته عمران خان جي عمل نواز شريف کي مضبوط ڪيو، ڌرڻو عوامي دلچسپي گهٽ هئڻ تي ملتوي ڪيو ويو.

هن چيو ته حڪومت پاناما ليڪس واري معاملي ۾ دير ڪرڻ چاهي ٿي،  سپريم ڪورٽ جو فيصلو 20 ڏينهن اندر نه ايندو.

خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي اشا پاشا جي چوڻ تي نه ٺهي آهي، پاناما ليڪس واري معاملي تي پارليامينٽ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، پوءِ چاهي هــُو کٽين يا هارائين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*