ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن دبئي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات ڪئي آهي

musharaf meet khuwaja mqm

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن دبئي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات ڪئي آهي، خواجه اظهار چيو آهي ته مشرف سان ملاقات دوران ڪراچي جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه سميت مختلف معاملن تي صلاح مشورا پڻ ڪيا،موجوده صورتحال ۾ پرويز مشرف جا مشورا سندن لاءِ اهم ثابت ٿي سگهن ٿا.

متحده اڳواڻ خواجه اظهار دبئي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات ڪئي.

خواجه اظهار چيو آهي ته هن مشرف سان ملاقات لنڊن وڃڻ کان اڳ ڪئي، جنهن دوران ڪراچي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

خواجه اظهار جو چوڻ آهي ته  ملاقات جو مقصد پرويز مشرف جي تجربي مان  فائدو حاصل ڪرڻ آهي ۽ هن مختلف معاملن تي مشرف کان صلاح مشورا پڻ ورتا، جيڪي موجوده سياسي صورتحال ۾ سندن لاءِ اهم ثابت ٿي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*