سکر ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

suk

سکر ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته 10 نومبر تي ڪراچي پريس  ڪلب آڏو احتجاجي شروع ڪيو ويندو، جيڪو مرڻ گهڙي تائين جاري رهندو.

ايريگيشن ملازمن عبدالرحيم ڀارو، گل محمد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي  مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪيترائي ڀيرا مظاهرا  ڪرڻ باوجود کين سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا، ٽائيم اسڪول ٻيون مرعائتون نه پيون ڏنيون وڃن.

هنن چيو ته اختيارين کين جائز مطالبا تسليم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر ان تي اڃان تائين عمل شروع ناهي ڪرايو ويو.

هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته 10 نومبر تي ڪراچي پريس  ڪلب آڏو احتجاجي شروع ڪيو ويندو، جيڪو مرڻ گهڙي تائين جاري رهندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*