عدالتي حڪم کانپوءِ سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ٺل

thul atae doctor

عدالتي حڪم کانپوءِ سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ٺل، خانپور ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارروايون ڪري ڪيتريون ئي ڪلينڪس سيل ڪيون ويون آهن.

ٺل ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار جي نگراني ۾ مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروايون ڪندي 5 ڪلينڪس کي سيل ڪيو ويو.

خانپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ شهر جي مخلتف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرز جون ڪيتريون ئي ڪلينڪس سيل ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو.

مٺياڻي ۾ صحت کاتي جي ٽيمن مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري عطائي ڊاڪٽرز جون 7 ڪلينڪس ۽ هڪ ليبارٽري کي سيل ڪري ڇڏيو.

نوابشاهه ۾ ڊي جي هيلٿ سيد حسن مراد شاهه پي ايم يو اسپتال جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته نوابشاهه ۾ 206 عطائي ڊاڪٽرز ۽ 41  ليبارٽريز آهن.

هن چيو ته ليبارٽري ۾ پيٿالاجڪ ڊاڪٽر موجود نه هوندو ته ان کي سيل ڪيو ويندو ۽ حد جي پوليس جي مدد سان عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*