نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سانگهڙ واقعي جي ڪيس جي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

nawab shah atc

نوابشاهه  جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  سانگهڙ واقعي جي ڪيس جي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سانگهڙ واقعي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ڪيس ۾ عبوري ضمانت ڪرائيندڙ  پير پاڳاري جا مريد ايم پي اي خليفو وريام فقير خاصخيلي، اڳواڻو ايم پي اي خيلفو علي غلام نظاماڻي، اڳوڻو ايم اين اي غلام دستگير راڄڙ، وقار جٽ، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ دلبر خان نظاماڻي عدالت ۾ پيش ٿيا.

ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن دادن نظاماڻي،امين نظاماڻي ۽ عرفان يوسفزئي کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ،عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري جي ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*