لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فورسز جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري

India-LOC-81116

لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فورسز جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي، بٽل سيڪٽر سميت مختلف سيڪٽرز ۾ ڀارتي فروسز جي فائرنگ ۽ گوليباري جي نتيجي ۾ ماءُ ڌيءُ سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب، آزاد ڪشمير جي ڪوٽلي سيڪٽر، بٽل ۽ نڪيال سيڪٽر تي ڀارتي فورسز طرفان بنا جواز فائرنگ ۽ گوليباري ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۽ گوليباري دوران بٽل سيڪٽر جي ڳوٺ منڍول ۾ هڪ گهر تي گولو ڪريو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ڪلثوم ۽ سندس ڌيءَ مريم سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي ار موجب، ڀارتي فورسز تتا پاني ۽ ڪهوئي رٽا وارن علائقن ۾ به بنا جواز فائرنگ ۽ گوليباري ڪئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*