دشمن جي مهم جوئي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جنرل راحيل شريف

Raheel-Sharif-81116

آرمي چيف کاريان ويجهو سينٽرل ڪمانڊ جي آپريشنز جو جائزو ورتو، جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دشمن جي مهم جوئي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اولهه سرحد تي ڪنهن به قسم جي دهشتگرديءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، فوجي مشقن سان گهربل مقصد حاصل ڪري ورتا آهن.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف کاريان ويجهو سينٽرل ڪمانڊ جي آپريشنز جو جائزو ورتو ۽ رات به اتي ئي گذاري ۽ جوانن سان ملاقات ڪرڻ سان گڏ کين خطاب پڻ ڪيو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف فوجي آپريشنز تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته دشمن ڄاڻي وٺي ته پاڪ فوج هر قسم جي اڳرائي کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.

جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته فوج مشقن سان گهربل مقصد حاصل ڪري ورتا آهن ۽ سموري دنيا ۾ پاڪ فوج جي عزم، همت ۽ ڪاميابين کي تسليم ڪري ٿي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته دشمن ٻڌي ڇڏي ته اسان اولهائين سرحد تي به دشمن جي مهم جوئي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

 آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سان سعودي ايئر چيف ميجر جنرل محمد بن صالح آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪري خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*