قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل عدالتي ڪميشن جو پهريون اجلاس جاري

News-Leak-101116

قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل عدالتي ڪميشن جو پهريون اجلاس جاري آهي.

جسٽس رٽائرڊ عامر رياض جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ، محتسب اعليٰ پنجاب، ڊائريڪٽر ايف آءِ، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي عملدار شريڪ آهن.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڊان ليڪس واري معاملي جي جاچ ۾ ٿيل اڳرائي بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏئي رهيو آهي.

ڪميٽي حڪومتي شخصيتن ۽ سرڪاري آفيسرز جا بيان قلمبند ڪري ڊان ليڪس بابت 30 ڏينهن  اندر پنهنجي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندي.

واضح رهي ته قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ٿيڻ تي پرويز رشيد کان اطلاعات کاتي جو قلمدان واپس وٺي جسٽس ريٽائرڊ عامر رضا جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*