فيض گنج ۾ گئس جي سهولت نه ملڻ خلاف شهرين چوٿين به احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي

فيض گنج ۾ گئس جِي سهولت نه ملڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن جَي ڪارڪنن چوٿين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال جاري رکي.

احمد حسين، محمد عالم چانگ، نديم چانگ، عرفان بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي وئي.

احتجاجي جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کانپوءِ گم ٿي ويا آهن، جڏهن ته گئس جي سهولت نه ملڻ سبب رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته گئس سميت بنيادي سهولتن جي اڻاٽ خلاف هنن ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو پر مقامي انتظاميا نوٽيس نه ورتو.

هنن الزام هنيو ته شهر جي سياسي ڌرين وٽ گئس جي سهولت موجود آهي، پر مسڪين ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.

هنن  گهر ڪئي ته فيض گنج  تعلقي ۾ فوري گئس فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*