انگلينڊ جي ٽيم جي نالي واري بيٽسمين جوءِِ روٽ چيو آهي ته ڀارت خلاف جاري سيريز جي پهرين ميچ ۾سنچري اسڪورڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي

England-Root-101116

انگلينڊ جي ٽيم جي نالي واري بيٽسمين جوءِِ روٽ چيو آهي ته ڀارت خلاف جاري سيريز جي پهرين ميچ ۾سنچري اسڪورڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم جي ڪوچ سنجي بانگر جو چوڻ آهي ته سندس ٽِيم مهمان ٽيم کي جلدي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.

ڀارت ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ راجڪوٽ ۾جاري آهي.

پرهين ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 343رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ جوءِ روٽ 124رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو.

مِيڊيا سان ڳالهائيندي جوءِ روٽ جو چوڻ هوته پهرين ڏينهن سمورن بيٽسمنن بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪيو ۽ کيس سنچري اسڪور ڪرڻ تي خوشِي ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*