ڪراچي جي علائقي منگهوپير ۾ رينجرز سان مقابلي دوران مارجي ويل ٽـِن دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي

Rangers-101116

ڪراچي جي علائقي منگهوپير ۾ رينجرز سان مقابلي دوران مارجي ويل ٽـِن دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، رينجرز ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو بندش پيل تنظيمن القاعده، داعش ۽ تحريڪ طالبان سان هو، جيڪي صفورا سانحي سميت ڪيترن ئي وارداتن ۾ گهربل هئا.

رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب گذريل رات منگهوپير ۾ انٽيلجينس آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ سلمان عرف ياسر، محمد حسين عرف مستري پٺاڻ ۽ محمد سليمان خان عرف شرميلا پٺاڻ جي نالن سان ڪئي وئي آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته سلمان عرف ياسر انتهائي خطرناڪ دهشتگرد هو ۽ اهو  بندش پيل تنظيم تحريڪ طالبان سوات جو امير هو.

رينجر پڌرائي موجب دهشتگرد سلمان عرف ياسر عملي طور تي سوات ۾ عوام ۽ پاڪ فوج خلاف ويڙهه ۾ شريڪ هو ۽ 2008 ۾ جوابدار پاڪ آرمي جي 4 جوانن کي يرغمال پڻ بڻايو هو.

ان کان علاوه جوابدار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ ملوث رهيو آهي، نومبر 2012 ۾ نارٿ ناظم آباد ۾ رينجرز هيڊڪوارٽر تي حملي ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت ۾ به دهشتگرد سلمان عرف ياسر ملوث هو.

رينجرز ترجمان چيو ته دهشتگرد پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڪراچي ۾  پوليس اهلڪارن ۽ سياسي ڪارڪنن سميت 10 ڄڻن کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته جوابدار اي اين پي اڳواڻ بشير جان تي حملي ۾ به ملوث هو، جنهن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا هئا.

رينجرز ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگرد ياسر عرف سلمان جوابدارن کي آپگهاتي جيڪيٽس جي فراهمي ۽ ٽريننگ ڏيڻ ۾  به ملوث هو، جوابدار ڀتي وصول جي ڪيترن وارداتن ۾ به گهربل هو.

رينجرز ترجمان دهشتگرد محمد حسين عرف مستري بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته جوابدار جو تعلق القاعده ۽ داعش سان هو، جنهن پنهنجي ساٿين سان گڏجي صفورا ۾ هڪ بس تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن ۾ 46 ڄڻا مارجي ويا هئا.

دهشتگرد محمد سلمان عرف شرميلا پٺاڻ پوليس اهلڪارن، امام بارگاهن تي حملن ۽ حيدرآباد ۾ ٿيل بينڪ ڌاڙن ۾ به ملوث هو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*