ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس مبينا طور ڳوٺ تي چڙهائي ڪري هڪ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي

Kandkot-Police-Fire-101116

ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس مبينا طور ڳوٺ تي چڙهائي ڪري هڪ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، گهر ڌڻين جو چوڻ آهي ته پوليس سندن ناري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سندن گهر کي باهه ڏئي ڇڏي آهي.

ڳوٺ نيو ڪراچي تي ڪنڌڪوٽ جي مختلف ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري سهراب بنگوار جي گهر کي ڪڙو چاڙهڻ کانپوءِ باهه ڏئي ڇڏي.

گهر ڌڻي سهراب ڀنگوار جو چوڻ آهي ته 2013 ۾ منهنجي ڀيڻ لال زادي عرف پري کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو ويو، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سندس گهر تي چڙهائي ڪري باهه ڏني  آهي.

هن چيو ته گهر کي باهه لڳڻ سبب سندس لکين رپين جو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، پوليس گردي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*