ميهڙ ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ جاري

Baldiyati-Election-29-10

ميهڙ ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، جنهن لاءِ پ پ ۽ عوامي اتحاد جا اميدوار آمهون سامهون آهن.

ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ 22 ڪائونسلر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

ميونسپل ڪميٽي تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

 پ پ پاران چيئرمين لاءِ رياض مهيسر، وائيس چيئرمين لاءِ حليم بروهي، جڏهن ته  عوامي اتحاد پاران چيئرمين لاءِ حاجي نياز ٻرڙو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ امير سيهول اميدوار آهن.

عوامي اتحاد جي اميدوارن پاران پولنگ ۾ ايجنٽ نه ويهارڻ واري شڪايت تي آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي دادو پولنگ تي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو.

ايس ايس پي دادو شبير سيٺار جو چوڻ  هو آءِ جي سنڌ جي هدايت تي هو پاڻ پولنگ جي نگراني ڪري رهيو آهي، چونڊ عمل شفاف طريقي سان ٿي رهيو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*