سکر جي نيب ٽيم پاران راولپنڊي مان گرفتار ڪيل ڊان گولي کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، ڊان گولي تي فراڊ ذريعي ماڻهن جا اربين رپيا هڙپ ڪرڻ جا الزام آهن

Don-Golo-101116

سکر جي نيب ٽيم پاران راولپنڊي مان گرفتار ڪيل ڊان گولي کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، ڊان گولي تي فراڊ ذريعي ماڻهن جا اربين رپيا هڙپ ڪرڻ جا الزام آهن.

نيب سکر جي هڪ ٽيم راولپنڊي ۾ ڪارروائي ڪري، گهوٽڪي سميت مختلف ضلعن ۾ ماڻهن کي پئسا ٻيڻا ڪرڻ بهاني ٺڳيندڙ ڊان گولو کي گرفتار ڪري ورتو.

نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته امانت عرف ڊان گولو خلاف گهوٽڪي سميت مختلف شهرن جي ماڻهن پاران درخواستون ڏنيون ويون، جنهن تي ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو  ۽ اڄ ڪيس احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

امانت عرف ڊان گولو گهوٽڪي ضلعي سميت سنڌ جي مختلف شهرن جي ماڻهن کي ڏوڪڙ ٻيڻا ڪري ڏيڻ بهاني ڪروڙين رپيا ٺڳيا هئا.

امانت گولو کي ڪجهه عرصو اڳ پوليس گرفتار ڪيو هو جيڪو ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد گهوٽڪي ڇڏي راولپنڊي ۾ روپوش ٿي ويو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*