آبپاشي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر مان نڪتل احتجاجي مارچ ڪراچي پهچڻ بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي

Protest--Karachi-Club-101116

آبپاشي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر مان نڪتل احتجاجي مارچ ڪراچي پهچڻ بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي ويندي.

سن ڪوٽا، سروس اسٽرڪچر ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ عبدالرحيم ڀارو جي اڳواڻي ۾ سکر مان نڪتل آبپاشي ملازمن جو احتجاجي مارچ ڪراچي پهتو، جتي ملازمن پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو آهي.

مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ آبپاشي ايمپلائيز يونين جي اڳواڻ عبدالرحيم ڀارو چيو آهي ته مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو، جيڪڏهن سنڌ سرڪار مطالبا تسليم نه ڪيا ته ڌرڻي بعد مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*