پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته امريڪا ۾ صدر جي تبديلي ڪا نئين ڳالهه ناهي

nafees-zakria

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته امريڪا ۾ صدر جي تبديلي ڪا نئين ڳالهه ناهي، پاڪ امريڪا لاڳاپا ڪافي پراڻا آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار موجود آهي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف معاهدن تي سهڪار جاري آهي، آمريڪي صدر جي تبديلي ڪا نئين ڳالهه ناهي.

هن چيو ته پاڪستان جي قيادت چونڊن ۾ ڪاميابي تي ڊونلڊ ٽرمپ کي واڌايون ڏئي چڪي آهي.

ڪشمير صورتحال تي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين تي ظلم ڪري رهيو آهي،  16 سالن جي قيصر کي زهر ڏئي مارڻ انساني حقن جي لتاڙ آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۽ پاڪستان ۾ مداخلت وارا معاملا برطانيا سميت عالمي برادري آڏو اٿاريا آهن.

هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ناپسنديده قرار ڏنل 6 ڀارتي سفارتڪارن کي ڀارت اماڻيو ويو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*