تحريڪ انصاف قومي سلامتي واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي, عمران خان

PTI-Imran-Khan-221016

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڊان ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪندي چيو آهي ته ريٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن جا فيصلا درست نه ايندا، حاضر سروس جج کان ئي جاچ ڪرائي وڃي.

اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف قومي سلامتي واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي.

هن چيو ته ريٽائرڊ جج تي ٻڌل انڪوائري ڪميشن درست فيصلا نه ڪري سگهندي، معاملي جي شفاف جاچ لاءِ حاضر سروس جج تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي.

عمران خان چيو ته ريٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميشن جو حشر به ماڊل ٽائون سانحي جهڙو ٿيندو، ان ڪري قوم جو وقت ضايع نه ڪيو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*