بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري دعويٰ ڪئي آهي ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۽ پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملي جي ماسٽر مائينڊز کي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

rana sana ul zehri

بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري دعويٰ ڪئي آهي ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۽ پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملي جي ماسٽر مائينڊز کي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، صوبي ۾ دهشتگردن جو خوف ختم آهي ۽ بلوچستان پر امن بڻجي ويو آهي.

ڪوئيٽا ۾ مقامي ڪراٽي ڪلب جي سِلور جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي نواب ثناءُ الله زهري انڪشاف ڪيو ته 8 آگسٽ تي سول اسپتال ڪوئيٽا ۽ 24 آڪٽوبر تي پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هـُن چيو ته ٻنهي حملن جي جاچ لاءِ جي ٽي آءِ جوڙي وئي آهي، بيگناهن کي قتل ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

ثناءُ الله زهري چيو ته بلوچ ڊنل قوم ناهي، دهشتگرد اسان کان ڊڄي ڀڄي رهيا آهن پر انهن کي ڳولهي ڳولهي ماريو ويندو.

بلوچستان جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته قومن جو زوال تعليم ۽ راندين کان پري ٿيڻ سبب ٿيندو آهي، صوبي ۾ راندين کي هٿي وٺرائي پئي وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*