روهڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ هڪ نجي بينڪ تي ڇاپو هڻي فراڊ جي الزام هيٺ بينڪ مئنجر سميت ٽن ملازمن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

rohri bank mulazim arest

روهڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ هڪ نجي بينڪ تي ڇاپو هڻي فراڊ جي الزام هيٺ بينڪ مئنجر سميت ٽن ملازمن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، عملدرن جو چوڻ آهي ته بينڪ ملازمن جعلي صحيحون ڪرائي ڪيترن ئي ماڻهن جا پيسا هڙپ ڪيا آهن.

اسسٽنٽ ڪمشنر اظهر حسين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ هڪ نجي بينڪ تي ڇاپو هڻي جعلي ڪاغذ ٺاهي لکين رپيا ڪڍرائيندڙ  بينڪ مئنجر امتياز ڀيو، ذهير حسين شاهه ڪلارڪ نياز شاهه کي گرفتار ڪيو ويو.

عملدارن جو چوڻ آهي ته بينڪ ملازمن اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار جي جعلي صحيحن ذريعي ماڻهن سان لکين رپين جو فراڊ ڪيو آهي.

عملدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بينڪ ملازمن تي مختيارڪار جي فرياد تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*