سجاول جي سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ صوفي سنگت پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

sajawal

سجاول  جي سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ  خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ صوفي سنگت پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين گل حسن رند،  رمضان چانڊيو، سليم کوسو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيوته سجاول تعلقي اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته اسپتال لاءِ لکين رپيا فنڊ جاري ٿين ٿا، پر صحت کاتي جا عملدار دوائون نجي اسٽورن تي وڪرو ڪري رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيوته ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*