ڪنڌڪوٽ ۾ ڊي اي او تعليم جي نوجوان پٽ جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي

khand kot qatal

ڪنڌڪوٽ ۾ ڊي اي او تعليم جي نوجوان پٽ جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، واقعي جي جاچ ڪري قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي قتل خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڊي او تعليم جهانگير بنگلاڻي جي نوجوان پٽ ماجد علي بنگلاڻي جو شهر جي مٺا چوڪ تان سسي ڪپيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي.

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي  اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي،  واقعي جي صحيح نموني جاچ ڪري قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

ڊي اي او جي پٽ جي قتل ۽ پوليس جي نااهلي خلاف شهر جي سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريباز ي ڪئي.

شهرين جو چوڻ هوته ڪنڌڪوٽ ۾ ڏوهاري سرگرميون چوٽ چڙهيل آهن، پر پوليس جوابدارن بدران عام ماڻهن کي تنگ ڪري رهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته نا اهل پوليس عملدارن کي هٽائي ڊي اي او جي پٽ جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*