سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن جا سٺا نتيجا ملي رهيا آهن

cm at seminar

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن جا سٺا نتيجا ملي رهيا آهن، پوليس ۽ رينجرز امن امان لاءِ بهتر نموني ڪم ڪري رهيا آهن.

ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امن امان، تعليم ۽ صحت سندس پهرين ترجيح آهي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن جا بهتر نتيجا ملي رهيا آهن، پوليس ۽ رينجرز ڏوهارين ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته هو پاڻ ڪراچي پيڪيج جي نگراني ڪري رهيو آهي، شهر جا ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ٿي ويندا.

وڏي وزير چيو ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 6 هزار ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا پيا وڃن، عوام کي صحت جون بهتر سهولتون ڏيڻ سندن ذميواري آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*