سکر جي نيب ٽيم پاران راولپنڊي مان گرفتار ڪيل ڊان گولي کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي

son golo

سکر جي نيب ٽيم پاران راولپنڊي مان گرفتار ڪيل ڊان گولي کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، عدالت کيس 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڊان گولي تي فراڊ ذريعي ماڻهن جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ جا الزام آهن.

نيب سکر جي هڪ ٽيم راولپنڊي ۾ ڪارروائي ڪري، گهوٽڪي سميت مختلف ضلعن ۾ ماڻهن کي پئسا ٻيڻا ڪرڻ بهاني ٺڳيندڙ ڊان گولو کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدار ڊان گولي کي سکرجي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان عدالت کيس 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته امانت عرف ڊان گولو خلاف گهوٽڪي سميت مختلف شهرن جي ماڻهن پاران درخواستون ڏنيون ويون، جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

امانت عرف ڊان گولو گهوٽڪي ضلعي سميت سنڌ جي مختلف شهرن جي ماڻهن کي ڏوڪڙ ٻيڻا ڪري ڏيڻ بهاني ڪروڙين رپيا ٺڳيا هئا.

امانت گولو کي ڪجهه عرصو اڳ پوليس گرفتار ڪيو هو جيڪو ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد گهوٽڪي ڇڏي راولپنڊي ۾ روپوش ٿي ويو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*