اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جلد اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

isb-h

اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جلد اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدار معظم علي جي گهرو واري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران وفاقي جاچ اداري جي عملدارن ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر جي مقرري بابت عدالت کي آگاهه ڪيو.

جوابدار معظم علي جي گهرواري عدالت کان استدعا ڪئي ته سندس مڙس عمران فاروق جي قتل ڪيس ۾ ملوث ناهي، تنهنڪري ڪيس جلد اڪلايو  وڃي.

عدالت ڪيس جلد اڪلائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*