فرانس جي ميگزين ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ مذهبي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڌرڻا

فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ مذهبي ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ سميت مختلف مذهبي تنظيمن جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو اسلام زنده باد جا نعرا هنيا .

محرابپور ۾ جماعت اسلامي، اهلسنت والجماعت، جي يو آءِ ۽ ٻين تنظيمن جي سڏ  تي مولانا عبدالصمد هاليجوي، طارق جٽ، اسلم ناگور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي حيدر بخش جتوئي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

نئين ديري ۾ به مذهبي جماعتن جي سڏ تي گستاخ خاڪن خلاف احتجاج ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*