سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا لاڙڪاڻي اسپتال جي ڊائلاسز واري وارڊ جو دورو ڪري مشينن جو معائنو ڪيو ۽ بريفنگ ورتي

larkano

سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا لاڙڪاڻي اسپتال جي ڊائلاسز واري وارڊ جو دورو ڪري مشينن جو معائنو ڪيو ۽ بريفنگ ورتي، ڊاڪٽرن مشينري ۽ صفائي عملي جي کوٽ جي شڪايت ڪئي آهي.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا لاڙڪاڻي پهچي چانڊڪا اسپتال جو دورو ڪيو ۽ ايڊز جي پکيڙجڻ جو سبب بڻجندڙ ڊائلاسز واري وارڊ پهچي مشينري جو معائنو ڪيو.

اسپتال انتظاميا سينيٽر ڪريم خواجا کي ڊائلاسز مشينن ۽ صفائي عملي جي کوٽ بابت شڪايت ڪئي، جنهن تي هــُن لکت ۾ سنڌ حڪومت کي سفارشون موڪلڻ جي هدايت ڪئي.

سينيٽر ڪريم خواجا چانڊڪا اسپتال ۾ مريضن کي سموريون طبي سهولتون پڻ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*