اڏيرو لعل اسٽيشن ڀرسان نوجوان جو ٻوري ۾ بند لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

hala

اڏيرو لعل اسٽيشن ڀرسان نوجوان جو ٻوري ۾ بند لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان 5 ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد پر اسرار نموني گم ٿي ويو هو.

اڏيرو لعل ڀرسان لنڪ روڊ تان ٻوري ۾ بند لاش هٿ اچڻ کانپوءِ اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو.

نوجوان جي ڳوٺ ڪريم داد گهانگهلو جي رهواسي عبدالقدير گهانگهلو طور سڃاڻپ ڪئي وئي، جنهن بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان 5 ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ کانپوءِ پر اسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن جو اڄ ٻوري ۾ بند لاش مليو آهي.

هنن چيو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، واقعي جي جاچ ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*