بلوچستان جي چئن ضلعن ۾ 3 ڏهاڙن جي پوليو مهم سڪيورٽي خدشن سبب اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي

بلوچستان جي چئن ضلعن ۾19 جنوري کان شروع ٿيندڙ ٽه ڏهاڙي پوليو مهم سڪيورٽي خدشن سبب اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

صحت ذريعن موجب، بلوچستان جي چئن ضلعن لورالائي، زوب، شيراني ۽ قلعا سيف الله ۾ 19 جنوري کان شروع ٿيندڙ مهم کي ملتوي ڪيو ويو.

صحت ذريعن موجب، سڪيورٽي خدشن سبب پوليو مهم ملتوي ڪئي وئي، جنهن جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

ياد رهي ته سال 2014 دوران بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پوليو متاثر مريضن جو واسطو لورالائي ۽ قلعا سيف الله ضلعن جي مختلف علائقن سان هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*