قومي اسميبلي ۾ اپوزيشن ليدر خورشيد شاهه گڏاڻي جهاز واقعي جي تفصيلي جاچ لاءِ وزير اعظم نواز شريف کي خط لکي ڇڏيو

khursheed shah letter

قومي اسميبلي ۾ اپوزيشن ليدر خورشيد شاهه گڏاڻي جهاز واقعي جي تفصيلي جاچ لاءِ وزير اعظم نواز شريف کي خط لکي ڇڏيو، خورشيد شاهه خط ۾ چيو آهي ته جهاز کي باهه لڳڻ سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري متاثرن کي معاوضو ڏنو وڃي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وزير اعظم نواز شريف کي خط لکي گڏاڻي ۾ سامونــــڊي جهاز کي باهه لڳڻ واري واقعي جي تفصيلي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

خورشيد شاهه چيو ته جهاز کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 26 انساني جانيون ضايع ٿيون، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ پورهيت زخمي ٿيا.

هن مطالبو ڪيو ته واقعي جي تفصيلي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي سان گڏ سڙي فوت ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*