وفاقي حڪومت پاران بجلي جي 50 سيڪڙو لوڊشيڊنگ گهٽائڻ واري اعلان باوجود سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي

sepco ehtijaj

وفاقي حڪومت پاران بجلي جي 50 سيڪڙو لوڊشيڊنگ گهٽائڻ واري اعلان باوجود سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ قمبر سميت ٻين شهرن ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ ۽ رهتون ڄاڻائي بجلي ڪاٽڻ سبب ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن

وزير اعظم ڪجهه ڏينهن اڳ پوري ملڪ ۾ بجلي جي 50 سيڪڙو لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان باوجود سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾اغلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

حيدرآباد جي ڳوٺ منٺار شورو جي رهواسين بجلي ڪاٽڻ خلاف حيسڪو جي سب ڊويزن آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڳوٺ ۾ ڪجهه ماڻهن پاران رهتون نه ڏيڻ ڪري پوري ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي وئي آهي، جيڪا نا انصافي  آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جي ڪاٽيل بجلي فوري طور بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

حيسڪو ترجمان جو چوڻ هو ته ڳوٺ تي 51 لک رپيا رهتون آهن، جنهن ڪري ڪارروائي ڪري ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي وئي آهي.

حيسڪو ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته احتجاج دوران ڳوٺاڻن حيسڪو جي سب ڊويزن آفيس تي حملو ڪيو آهي، جن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڄامشوري جي شهري وسندين ۾ ٽرانسفارمر لاهڻ ۽ هٿرادو لوڊشِيڊنگ خلاف شهرين ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جو گهيراءُ ڪرڻ بعد ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن مان سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ناهن ڪيا ويا، ۽ روزانو 12 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ رهواسين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته لوڊشيڊنگ سلسلو بند ڪري سڙي ويل ٽرانسفارمر فوري طور تبديل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

لاڙڪاڻي جي الهه آباد محلي ۾ چئن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ خلاف رهواسين هارون هليو ۽  ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قمبر ۾ سيپڪو خلاف شهرين اتحاد جي سڏ تي اسلم تنيو، رياض لاکو ۽ ٻين جي قاڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بند ڪري علائقن مان ڪاٽيل بلي فوري طور بحال ڪري کين عذاب کان بچايو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*