پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز حڪومت قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي کي اينگهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

imran-khan

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز حڪومت قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي کي اينگهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پاناما ليڪس جيان ڊان ليڪس ۾ به شريف ڪٽنب جي ملوث هئڻ جا ثبوت موجود آهن.

اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، نعيم الحق ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پاناما ۽ ڊان ليڪس معاملي تي ويچاريو ويو، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پاناماليڪس معاملي تي شريف ڀائرن جو ڪوڙ پڪڙجي پيو آهي، ڊان ليڪس جا پيرا به شريف ڀائرن ڏانهن وڃن ٿا.

هن چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته وزير اعظم هائوس مان رياستي ادارن تي حملا ٿي رهيا هجن ۽ قوم خاموش تماشائي بڻيل هجي.

سندس چوڻ هو ته ڊان ليڪس ۾ شريف ڪٽنب ملوث آهن، تحريڪ انصاف وٽ ثبوت موجود آهن، جيڪي عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*