دادو ۾ ميونسپل ڪميٽي جي برطرف ڪيل ملازمن بحالي جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

dadu muncipal

دادو  ۾ ميونسپل ڪميٽي جي برطرف ڪيل ملازمن بحالي جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

اعجاز ملاح، بشير مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

       مظاهرين چيو ته ميونسپل ڪميٽي داود جي 58 ملازمن کي 2 سال اڳ بنا جواز برطرف ڪيو ويو، جن کي اڃا تائين بحال نه ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ۽ احتجاج ڪرڻ باوجود کين بحال نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته برطرف ڪيل سمورن ملازمن کي فوري طور بحال ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*