ذوالفقار آباد رٿا، ٿرڪول منصوبي لاءِ ٺهندڙ ڊيم ۽ بحريا ٽائون منصوبي خلاف دادو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو

dadu komi

ذوالفقار آباد رٿا، ٿرڪول منصوبي  لاءِ ٺهندڙ ڊيم ۽ بحريا ٽائون منصوبي خلاف دادو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

  ڪارڪنن انور سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

اڳواڻن چيو ته ٿرڪول منصوبي لاءِ ٺهندڙ ڊيم سبب سوين غرين ماڻهن جي زمين کاري پاڻي جي ور چڙهي ويندي، جنهن ڪري مقامي ماڻهن کي وڏو نقصان پهچندو.

هنن چيو ته ٿرڪول منصوبي ۽ ذوالفقار آباد رٿا ذريعي عالمي سامراج کي سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي معاشي بد حالي جي ور چاڙهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته بحريا ٽائون منصوبي جي آڙ ۾ سنڌ اندر وڏي پعماني تي ڪرپشن ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، جنهن کي سنڌ واسي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندا.

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ دشمن سمورن منصوبن کي عوام رد ڪري ڪرپٽ حڪمرانن مان پنهنجي جان آجي ڪرائي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*