آرمي چيف جنرل راحيل شريف سوات ۾ اسڪول ۽ فوجي ڇانوڻي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي

army cheif sawat

آرمي چيف جنرل راحيل شريف سوات ۾ اسڪول ۽ فوجي ڇانوڻي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنر راحيل شريف چيو آهي ته عوام ۽ فوج جي قربانين سبب سوات ۾ امن قائم ٿيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سوات پهتو ته سندس آجيان ڪئي وئي، جڏهن ته جي او سي سوات ميجر جنرل آصف آرمي چيف کي بريفنگ ڏني.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف سوات ۾ اسڪول ۽ فوجي ڇانوڻي جي پيڙهه جو پٿر رکيو.

جنرل راحيل شريف چيو ته علائقي ۾ فوج ڇانوڻي جي قيام سان ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، صحت جي صورتحال بهتر ٿيندي ۽ معاشي سرگرميون به وڌنديون.

جنرل راحيل شريف وڌيڪ چيو ته عوام ۽ فوج جي قربانين سبب سوات ۾ امن قائم ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*