پنهنجي حقن لاءِ رياست خلاف وڙهندڙن کي سياسي رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ

بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ پنهنجي حقن لاءِ رياست سان وڙهندڙن کي سياسي رستو اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي، عبدالمالڪ بلوچ جو چوڻ آهي ته سياسي رستو اختيار ڪري ڳالهين ذريعي سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن.

لسٻيلو ۾ فوٽ بال ٽورنامينٽ ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته ملڪ ۾ مذهبي دهشتگردي خلاف فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون آهي، جنهن سان ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو يقيني بڻايو ويندو.

هن چيو ته پنهنجي حقن لاءِ رياست خلاف وڙهندڙن کي سياسي رستو اختيار ڪري سمورا معملا ڳالهين ذريعن حل ڪرڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*