پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 7 فوجي جوانن جي شهادت واري واقعي تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي

Khuwaja-asif-25716

پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 7 فوجي جوانن جي شهادت واري واقعي تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته دشمن فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، مودي فوج جون ڪارروايون ڪشمير معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ آهن.

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه پاران جاري ڪيل بيان موجب ڀارت لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، هلندڙ سال دوران 222 ڀيرا اڳرايون ڪيون ويون آهن.

نفيس ذڪريه چيو ته هڪ طرف ڀارتي فوج ڪشمير ۾ بيگناهه شهرين کي ماري رهي آهي ته ٻي پاسي وري جنگبندي واري معاهدي تي ڀڃڪڙي ڪري مسلسل فائرنگ ڪئي پئي وڃي.

نفيس ذڪريه چيو ته ڀارتي فوج جون اڳرايون ڪشمير تڪرار تان ڌيان هٽائڻ لاءِ آهن پر پاڪستان هر اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

دفاع واري وزير خواجه آصف به سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڀارتي فوج جي اڳراين جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو آهي، ڀارت ڪجهه مهينن کان ايل او سي تي اڳرايون ڪري رهيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*