اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀـُٽو زرداري لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائين جي مذمت ڪندي چيو آهي

asifbilawal09-9

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀـُٽو زرداري لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ عوام سان گڏجي مودي سرڪار جا خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏينداسين.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي  ٽوئيٽ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مودي سرڪار رت جي پياسي بڻجي وئي آهي، سرحدن جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن تي فخر آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام سان گڏجي مودي سرڪار جا ناپاڪ ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندا.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*